رڪن الدين ٺٽوي مخدوم

رڪن الدين ٺٽوي، مخدوم: هي حضرت مخدوم بلاول رح جو وڏو خليفو ٿي گذريو آهي. سندس نالو رڪن الدين هو، پر ’مخدوم متو‘ (مٺو) جي نالي سان به مشهور هو. سندس نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديقرضه سان ملي ٿو. ’حديقةالاولياء‘ جي هڪ نسخي ۾ سندس نالو ’دثيه‘ به ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جي ٻئي نسخي ۽ تحفة الڪرام ۾ ڦسندس نالو ’ڏنو‘ يا ’ڏتو‘ لکيل آهي. هي وڏو عبادت گذار ۽ پرهيزگار هو. کيس جيڪو وقت فارغ ملندو هو ته خدا جي خلق کي هدايت ڪندي گذاريندو هو. جڏهن مخدوم رڪن الدين رشد ۽ هدايت جي مسند تي فائز ٿيو، ته پري پري کان طريقت جا سالڪ، طالب بڻجي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ کانئس روحاني فيض حاصل ڪندا هئا. مخدوم صاحب باطني علم سان گڏ ظاهري علم جو به عالم هو، حديث جي علم ۾ مشهور هو. ’شرح اربعين‘، ’شرح ڪيداني‘، ’گيلاني‘ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيائين. سندس ڪشف ۽ ڪرامت جو ذڪر حديقة الاولياء ۾ ٿيل آهي. سندس وفات همايون جي آوارگيءَ واري دور ۾ 949هه ڌاري ٺٽي ۾ ٿي، سندس مزار مڪليءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو